شينن گيبريئل جو عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

ويسٽ انڊين فاسٽ بالر شينن گيبريئل عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
12 سالن تائين ويسٽ انڊيز جي نمائندگي ڪندڙ گيبريئل رٽائرمينٽ جو اعلان انسٽاگرام پوسٽ ذريعي ڪيو.
شينن گيبريئل لکيو ته ڪرڪيٽ جهڙي پياري راند کي اعليٰ سطح تي کيڏي مون کي ڏاڍي خوشي ملي آهي پر چوڻي آهي ته سڀني سٺين شين جو خاتمو ٿيندو آهي، ته مان به عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري رهيو آهيان.
پنهنجي بيان ۾ هن ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ بورڊ جا به ٿورا مڃيا.
واضح رهي ته 36 ورهين جي شينن گيبريئل 59 ٽيسٽ، 25 ون ڊي ۽ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ويسٽ انڊيز جي نمائندگي ڪئي ۽ مجموعي طور تي 202 وڪيٽون حاصل ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.