ڪنگنا رناوت بالي ووڊ خانز جي فلمن ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي تڪراري اداڪارا ڪنگنا رناوت انڪشاف ڪيو آهي ته هن سپر اسٽار سلمان خان جي هٽ فلمن بجرنگي ڀائيجان ۽ سلطان ۾ ڪم جي آڇ ٿڏي ڇڏي هئي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ اداڪارا انڪشاف ڪيو ته سلمان خان کيس بجرنگي ڀائيجان ۾ ڪرينا ڪپور ۽ سلطان ۾ انوشڪا شرما وارو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي پر هن اِها آفر قبول نه ڪئي.
اداڪارا چيو ته فلم سلطان ۾ ڪم کان انڪار ڪيو ته سلمان خان چيو ته مان وڌي اوهان کي ڇا پيش ڪريان؟ فلم ۾ ڪم کان انڪار باوجود سلمان خان مون تي مهربان رهيو آهي.
هن چيو ته بالي ووڊ جي ٽنهي خانز ( سلمان، عامر ۽ شاهه رخ ) جي فلمن ۾ انڪري ڪم ناهيان ڪندي ڇو ته خانز جي فلمن ۾ هيروئنز جا رڳو ٻه منظر ۽ هڪ گيت هوندو آهي.
ڪنگنا رناوت وڌيڪ چيو ته هوءَ ٽنهي خانز سان هڪ فلم ٺاهڻ چاهي ٿي جنهن ۾ هوءَ سندن باصلاحيت پهلوءَ کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.