واپارين پاران ملڪ گير هڙتال جو سڏ، فضل الرحمان به حمايت ڪري ڇڏي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان 28 آگسٽ تي واپارين طرفان اعلانيل هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو .
هڪ بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ اعلانيل هڙتال جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا، مهانگائي ۽ ناجائز ٽئڪس عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته آءِ ايم ايف جي حڪم تي تيار ڪيل بجيٽ عوام جي وات جو گرهه به کسي ورتو آهي، جي يو آءِ ڪارڪن پُرامن هڙتال کي ڪامياب بڻائن، سڄي ملڪ ۾ جي يو آءِ بزنس فورمز هڙتال ۾ ڀرپور حصو وٺن.
واضح رهي ته مرڪزي تنظيم تاجران ۽ آل پاڪستان انجمن تاجران طرفان تاجر دوست اسڪيم ۽ ٽيڪسز خلاف 28 آگسٽ تي ملڪ گير شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.