درفشان جي نوجواني مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا درفشان سليم جي مبينا پراڻي تصوير جڏهن کان منظر تي آئي آهي، تڏهن کان مداح سخت حيراني ۾ مبتلا آهن ته هوءَ اڳ ۾ ائين هوندي هئي؟
”آل پاڪستان ڊراما پيچ“ نالي هڪ سوشل ميڊيا اڪائونٽ درفشان سان سلهاڙيل هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي، جنهن کي ان جي پراڻي تصوير قرار ڏنو پيو وڃي ۽ تصوير ۾ هوءَ تمام گهڻي مختلف نظر اچي رهي آهي.
وائرل ٿيل ان تصوير ۾ درفشان ڪنهن شادي تقريب لاءِ تيار ٿيل آهي ۽ سندس مٿي تي ٽڪو به آهي.
ڏٺو وڃي ته اڄ جي ڀيٽ ۾ اداڪارا جو رنگ سانورو، جڏهن ته چهرو به ڪجهه مختلف نظر اچي رهيو آهي، جنهن کي ڏسي مداح حيران آهن ته ڇا درفشان جي خوبصورتي به مصنوعي آهي؟
هڪ واهپيدار لکيو ته باجي پوءِ ڊرپ لڳرائي ۽ نڪ به ٺيڪ ڪرائي ورتو، جڏهن ته ٻئي واهپيدار لکيو اهي ته گهر جون عام ڇوڪريون هونديون آهن، پوءِ ميڊيا نکاري ڇڏيندي آهي.
هڪ واهپيدار اداڪارا جي حق ۾ لکيو ته ننڍي عمر ۾ سڀ ائين هوندا آهن، پنهنجون پراڻيون تصويرون ڪڍي ڏسو ته ائين ئي هونديون، سڃاڻپ ڪارڊ تي به فوٽو عجيب هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.