اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سولر پئنل جي درآمد جي آڙ ۾ اربين رپين جي مني لانڊرنگ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ايف بي آر سولر پئنل جي معاملي تي رپورٽ تيار ڪري ورتي، جنهن موجب سال 2017 کان 2022 تائين سولر پئنل جي درآمد ۾ 69.5 ارب رپين جي اوور ان وائسنگ ٿي.
رپورٽ موجب ٻن درآمدي ڪمپنين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ٻنهي ڪمپنين 72 ارب 83 ڪروڙ رپيا پاڪستان مان ٻاهر منتقل ڪيا، ڪاغذي طور تي ٻنهي ڪمپنين جون آفيسون پشاور ۾ هڪ ئي عمارت ۾ هيون.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايف بي آر جي ٽيم پشاور ۾ ڄاڻايل جاءِ تي وئي ته ٻنهي ڪمپنين جون آفيسون اتي ڪڏهن هيون ئي نه، انڪم ٽيڪس رڪارڊ موجب ٻئي ڪمپنيون جعلي هيون، ٻنهي ڪمپنين ٽيڪس گوشوارا به جمع نه ڪرايا.
رپورٽ موجب سولر پئنل چين مان درآمد ڪيا ويا، رقم سنگاپور ۽ يو اي اي موڪلي وئي، هڪ ڪمپني جي ڊائريڪٽر کي ڪراچي اسپيشل جج ڪسٽمز گهرائڻ بنا ضمانت به ڏئي ڇڏي، جڏهن ته هڪ ڪمپني جو ڊائريڪٽر مفرور آهي.
You might also like