اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت فوري طور تي نئين چيف جسٽس جي نالي جو اعلان ڪري.
قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي عمر ايوب چيو ته حڪومت کي موجوده صورتحال ۾ فوري طور نئين چيف جسٽس جي نالي جو اعلان ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ان حوالي سان ڪا قانون سازي ڪئي وئي ته سخت احتجاج ڪنداسين.
هن چيف جسٽس جي مقرري تي قانون واري وزير کان صورتحال واضح ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ته قانون وارو وزير ايوان ۾ صورتحال واضح ڪري.
اعظم نذير تارڙ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته موجوده آئين ۽ قانون موجب هاءِ ڪورٽس ۾ موجود سينيئر ججن مان ڪنهن کي جڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪميٽي چيف جسٽس مقرر ڪري سگهي ٿي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جج صاحبه پنجين نمبر تي هئي، کيس جڊيشل ڪميشن چيف جسٽس بڻائي ڇڏيو.
هن چيو ته ارڙهين آئيني ترميم تحت سينيئر موسٽ کي چيف جسٽس بڻايو ويندو آهي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي معاملي کي آئين موجب ئي هلائي سگهجي ٿو.
You might also like