چنڊ جي مٽيءَ مان پاڻي ٺاهڻ جو طريقيڪار دريافت

ويجهي مستقبل ۾ انسان هڪ ڀيرو وري چنڊ تي قدم رکڻ وارا آهن جڏهن ته مختلف ملڪ اتي تحقيقي مرڪز پڻ قائم ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن.
سائنسدان چنڊ تي موجود قدرتي وسيلن تائين پهچ به چاهن ٿا پر اتي ترسڻ لاءِ پاڻي جي ضرورت آهي جيڪو اتي نه هئڻ برابر آهي.
ان ڏس ۾ هاڻي وڏي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ چيني سائنسدانن چنڊ جي مٽي کي پاڻيءَ ۾ بدلائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.
2020 ۾ چين جي چينگ اي 5 مشن ذريعي چنڊ جي سطح جا نمونا حاصل ڪيا ويا هئا، چائنيز اڪيڊمي آف سائنسز جي ماهرن دريافت ڪيو ته چنڊ جي مٽي ۾ هائيڊروجن جي مقدار تمام گهڻي آهي.
ماهرن موجب، جڏهن مٽي کي وڌيڪ گرمي پد تي گرم ڪيو ويندو آهي ته اِها مختلف عنصرن ۾ ورهائجي ويندي آهي، ان ڪيمائي ردعمل ذريعي پاڻي جا بخارا ٺهندا آهن جن کي گڏ ڪري سگهجي ٿو.
چيني سائنسدانن موجب، ان طريقيڪار تحت چنڊ جي هڪ ٽن مٽي مان 51 کان 76 ڪلو گرم پاڻي ٺاهي سگهجي ٿو جيڪو پنج سئو ملي ليٽر جون سئو کان وڌيڪ بوتلون ڀرڻ لاءِ ڪافي آهي.
ماهرن موجب، سراسري طور ايترو پاڻي هڪ ڏينهن ۾ پنجاهه ماڻهن لاءِ ڪافي ثابت ٿيندو.
ماهرن اِهو واضح ناهي ڪيو ته پاڻي جي بخارن لاءِ انهن ڪيتري توانائي جو استعمال ڪيو يا مٽي کي گرم ڪرڻ سان ٻيا ڪهڙا عنصر ٺهيا.
پر ان ڳالهه جو پتو ضرور پئجي ويو آهي ته ان طريقڪار تحت چنڊ جي مٽي کي پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ماهر ٽن ورهين کان ان پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا هئا ۽ سندن چوڻ آهي ته نئين اڳڀرائي کانپوءِ چنڊ تي مستقل بيس جي قيام ۾ مدد ملندي.
واضح رهي ته چين 2035 تائين چنڊ تي پنهنجو مسقبل بيس قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته هو چنڊ جي چوڌاري به هڪ اسپيس اسٽيشن اڏڻ چاهي ٿو.
ان کانسواءِ چين طرفان پهريون انسان بردار مشن 2030 تائين چنڊ تي موڪلڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته جون 2024 ۾ چين جو چينگ اي 6 مشن چنڊ جي ان حصي جا نمونا واپس آندا هئا جيڪو ڌرتيءَ تان نظر ناهي ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.