اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايمنسٽي انٽرنيشنل پاڪستاني عملدارن کان ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي سستي، مانيٽرنگ ۽ سرويلنس ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت مڪمل شفافيت جو مطالبو ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل عملدارن تي زور ڏيندي چيو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته هو نگراني ۽ سرويلنس جي اهڙي نظام کي لاڳو نه ڪن جيڪو غير ضروري، غير مناسب ۽ عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي هجي.
بيان ۾ چيو ويو ته نگراني جي نظام جون ٽيڪنالاجيز جيڪي انٽرنيٽ جي رفتار کي ڪنٽرول ڪن ٿيون ۽ مواد کي بلاڪ ڪن ٿيون، ان جي استعمال جي حوالي سان عملدارن جي غير شفافيت ڳڻتي جي ڳالهه آهي.
You might also like