قوم جي مدد سان دهشتگردن جي ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻائينداسين: صدر آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ڪليئرنس آپريشن دوران جوانن ۽ مختلف واقعن ۾ شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگرد قوم، انسانيت ۽ ترقي جا دشمن آهن، کين انجام تائين پهچائينداسين، قوم بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺي آهي، اسان سموري قوم جي مدد سان دهشتگرد عنصرن جي ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻائينداسين.
هن چيو ته قوم شهيدن جي احسان مند رهندي ۽ قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي.
صدر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي بهادري ۽ قرباني جي جذبي جي ساراهه ڪئي ۽ شهيدن لاءِ بلند درجن ۽ گهر ڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.