ممبئي( ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ور اسٽائيل اداڪار راجڪمار رائو کي هاڻي هڪ فلم جي معاوضي طور ڪروڙين رپيا ملي رهيا آهن، پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته کيس پهرين فلم جو معاوضو ڪجهه هزار ڀارتي رُپيا مليا هئا؟
ويجهڙائي ۾ راجڪمار رائو شرڌا ڪپور سان گڏ سپر هٽ ڪاميڊي هارر فلم ” استري ٽو “ جو معاوضو ڇهه ڪروڙ رپيا ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، راجڪمار رائو 2010 ۾ ديباڪر بئنرجي جي فلم ” لوو سيڪس اور ڌوڪا “ ذريعي بالي ووڊ ۾ قدم رکيو جنهن ۾ کيس معاوضي طور رڳو 11 هزارڀارتي رپيا مليا هئا.
ميڊيا رپورٽس موجب، ممبئي منتقل ٿيڻ کانپوءِ راجڪمار رائو اداڪاري جي ڳولا ۾ ڏيڍ ورهين تائين ڏاڍي جدوجهد ڪئي پر کيس ڪو به ڪردار نه ملي سگهيو، ان کانپوءِ هڪ اشتهار مليو، جتي سندس ملاقات ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر اتل مونگيا سان ٿي ۽ هن راجڪمار رائو کي آڊيشن لاءِ طلب ڪري ورتو.
هڪ انٽرويوءَ دوران راجڪمار رائو ٻڌايو ته جڏهن هو پهريون ڀيرو آڊيشن ڏيڻ ويو ته کيس عجيب قسم جا ڪپڙا پهريل هئا جنهن ڏسي مون کان سوال ڪيو ويو ته ڇا پاتو آهي؟ ڇا اوهان وٽ پائڻ لاءِ ڪي ٻيا ڪپڙا ناهن؟
اداڪار ٻڌايو ته هن ان ئي لباس ۾ آڊيشن ڏني ۽ ڊائريڪٽري کي سندس آڊيشن پسند آئي، اشتهار لاءِ ڪجهه وزن گهٽائڻو پيو جيڪو گهٽايو پر ان لاءِ ڪو معاوضو نه مليو.
راجڪمار رائو موجود ان کانپوءِ هن کي پهرين فلم لاءِ يارنهن هزار ڀارتي رپيا مليا پر اِها فلم پئسي لاءِ نه هئي پر ان وقت سندس لاءِ ڪم اهم هيو.
You might also like