ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪرپشن جا الزام لڳڻ تي ايس ايڇ او زمان ٽائون کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي ڪورنگي توحيد رحمان ميمڻ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪورنگي ضلعي جي زمان ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد اشرف اعواڻ کي معطل ڪندي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر جي عهدي تي واپس موڪليو ويو آهي. سرڪاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته معطلي دوران پوليس آفيسر محمد اشرف پنهنجي پگهار۽ الائونس وصول ڪري سگهندو ۽ ايس ايس پي ضلعي ڪورنگي ۾ روزانو رول ڪال ۾ شرڪت ڪندو. نوٽيفڪيشن ۾ اهڙي سخت ڪارروائي جو ڪو به سبب نه ڏنو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق ايس ايڇ او الزام هنيو آهي ته آءِ جي سنڌ پوليس گٽڪي ۽ ماوا جي ڪاروبار لاءِ رشوت وٺي رهيو آهي. ڪورنگي پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايس ايس پي توحيد رحمان ميمڻ ايس ايڇ او زمان ٽائون سان لاڳاپيل هڪ خانگي ٽي وي چينل پاران نشر ڪيل خبر جو نوٽيس ورتو آهي. جڏهن ته ايس پي شاهه فيصل هٽايل ايس ايڇ او خلاف انڪوائري ڪندو، انڪوائري جي نتيجي ۾ اصل حقيقتون سامهون اينديون.