بنگلاديش ۾ ٻوڏ نظام دانوانڊول ڪري ڇڏيو، 15 ڄڻا فوت، لکين متاثر

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ ٻوڏ سبب 15 ڄڻا فوت ۽ لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن.
بنگلاديشي ميڊيا موجب ملڪ جي 11 ضلعن ۾ تيز برساتن کانپوءِ هن وقت ٻوڏ جي صورتحال آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 48 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 15 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.
مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته تقريبن 9 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو ٻوڏ جي صورتحال ۾ ڦاٿل آهن، فيني ضلعي ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب 92 سيڪڙو موبائل ٽاور ڪِري چڪا آهن، جنهن سبب شهرين جو موبائل فون تي رابطو تقريبن ختم ٿي چڪو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب هڪ لک 88 هزار ماڻهن کي ريسڪيو ڪري ڪئمپن ۾ پهچايو ويو آهي، جڏهن ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ راشن به ورهايو ويو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ فوج طرفان ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جنهن ۾ نيوي، ڪوسٽ گارد، فائر سروسز، پوليس حصو وٺي رهي آهي، ٻوڏ جي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.