نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر شيکر ڌون انٽرنيشنل ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
شيکر ڌون رٽائرمينٽ جو اعلان سوشل ميڊيا ذريعي ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته مان انٽرنيشنل ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري رهيو آهيان، ڪرڪيٽ جي ان سفر کي الوداع ڪندي دل ۾ هڪ سڪون آهي ته ملڪ لاءِ کيڏيس.
هن چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جا ٿورا، جنهن مون کي موقعو ڏنو، پاڻ کي اهو چوندس ته ان ڳالهه جو ڏک ناهي ته ملڪ لاءِ ٻيهر نه کيڏندس، ان ڳالهه تي خوش آهيان ته پنهنجي ملڪ لاءِ کيڏيو آهيان ۽ اها مون لاءِ سڀ کان وڏي ڳالهه آهي.
واضح رهي ته شيکر ڌون 34 ٽيسٽ، 167 ون ڊي ۽ 68 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي.
You might also like