نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڏاج لاءِ هراسان ڪرڻ تي عورت 11هين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست جي شهر غازي آباد جي رهواسڻ عورت ڏاج لاءِ هراسان ڪرڻ تي تنگ اچي پنهنجي زندگي ختم ڪري ڇڏي.
پوليس ٻڌايو ته 32 ورهين جي آرتي جي 2020 ۾ ميانڪ تياگي سان شادي ٿي هئي، شادي ۾ آرتي جي والدين طرفان کيس ڏاج سان گڏ رخصت ڪيو ويو هو.
پوليس موجب مڙس ۽ ساهرا آرتي کي وڌيڪ ڏاج لاءِ هراسان ڪندا رهيا، جنهن سبب هوءَ ذهني اذيت ۾ مبتلا ٿي وئي ۽ نيٺ تنگ اچي 11هين ماڙ تان ٽپو ڏئي ڇڏيائين.
پوليس جو چوڻ آهي ته آرتي جي پيءُ مڙس، سس ۽ سهري خلاف شڪايت داخل ڪرائي آهي ۽ ڪارروائي ڪندي مڙس کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
Next Post
You might also like