شڪيب الحسن جو ڪيريئر خطري ۾ پئجي ويو، ٽيم مان ڪڍڻ جو مطالبو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي ڪرڪيٽر شڪيب الحسن جي ڪيس ۾ نامزدگي تي وڪيل طرفان بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي ليگل نوٽيس موڪليو ويو آهي.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي ليگل نوٽيس سپريم ڪورٽ جي بئريسٽر ساجب محمود عالم طرفان موڪليو ويو آهي.
ليگل نوٽيس ۾ وڪيل شڪيب الحسن کي جاچ لاءِ واپس بنگلاديش گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
نوٽيس جي متن موجب شڪيب کي فوري طور ٽيم مان ڪڍي واپس بنگلاديش گهرايو وڃي، آءِ سي سي رول موجب ڪيس ۾ نامزدگي کانپوءِ هو قومي ٽيم ۾ کيڏڻ جو اهل ناهي.
واضح رهي ته بنگلاديش ۾ شڪيب الحسن خلاف فيڪٽري ملازم جي قتل جو ڪيس داخل آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ڪرڪيٽر کي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد سان گڏ قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.