هڪ نه ٽي سپر اوور، دلچسپ رڪارڊ قائم ٿي ويو

ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي هڪ ميچ ۾ 3 سپر اوورن جو رڪارڊ قائم ٿي ويو.
ڀارت جي مهاراجا ٽرافي جي ميچ ۾ انوکو رڪارڊ قائم ٿيو، ميچ جو فيصلو هڪ نه پر 3 سپر اوورن ۾ ٿيو.
بينگلورو بلاسٽرز ۽ هبلي ٽائيگرز وچ ۾ ميچ مقرر اوورن ۾ برابر رهي، پهرئين ٻن سپر اوورن ۾ ميچ جو فيصلو نه ٿيو ته ٽئين سپر اوور جو اعلان ڪيو ويو.
پهرئين سپر اوور ۾ ٻئي ٽيمون 10-10 رنسون ٺاهي سگهيون، ٻئي سپر اوور ۾ هبلي ٽائيگرز جي 8 رنسن جي جواب ۾ بينگلورو به 8 ئي رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٽئين سپر اوور ۾ بينگلورو جي 12 رنسن جي جواب ۾ هبلي ٽائيگرز آخري بال تي ڪاميابي حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.