سعودي عرب دنيا جي 10 طاقتور ترين رياستن ۾ شامل ٿي ويو

سعودي عرب دنيا جي 10 طاقتور ترين رياستن ۾ شامل ٿي ويو، ان فهرست ۾ گڏيل عرب رياستون به شامل آهن.
فوربز دنيا جي 10 طاقتور ترين ملڪن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پهريون نمبر آمريڪا جو آهي.
ان فهرست ۾ پهريون ڀيرو سعودي عرب به جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن کي نائون نمبر ڏنو ويو آهي.
چين کي دنيا جي ٻي طاقتور ترين رياست قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته روس جو ٽيون نمبر، جرمني جو چوٿون، برطانيا جو پنجون، ڏکڻ ڪوريا جو ڇهون، فرانس جو ستون نمبر آهي.
ان فهرست ۾ جاپان اٺين ۽ گڏيل عرب رياستون ڏهين نمبر تي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.