ٻيجل سنڌيءَ جي سنڌ ثقافت کاتي کي پارت ڪجي ٿي

تحرير: سيد پيرشاھ جيلاني

سنڌ جو ٻيجل سنڌي ھن وقت انتھائي زندگي جي آخري پساھن ۾  ٽنڊو محمد خان جي پرائيويٽ انڊس اسپتال جي آءِ سي يو ۾ زندگي ۽ موت جي واٽي تي زندگي گذاري رھيو آ ھي خبر ناهي ھن سنڌ جي يگاني عاشق جو ڪنهن مهل به ساھ جو سڳو ٽٽي سگهي ٿو. ٻيجل سنڌي فنڪار آهي فنڪار قومن جا سفير ھوندا آهن. اڄ ٻيجل سنڌي جي لاءِ سندس گهر ڀاتين سميت  سنڌ جا  باشعور  باضمير  ماڻهو سخت پريشان آهن. ٻيجل سنڌي پنهنجي مٺڙي ۽ خوبصورت آواز جي ڪري سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي اھو مٺڙو آواز ڪيترن ئي مھينن کان بيماري جي ڪري بند ٿي ويو آهي. سندس دوست ساٿي سندس اخلاقي مدد پنهنجي وس آھر ڪري رھيا آهن.

پر افسوس اسان کي سنڌ گورنمنٽ  تي ٿي رھيو آهي جنهن اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي ھن يگاني ڪلاڪار جي سار ناهي لڌي. اسان کي ڏک ان ڳالھه جو آهي ته  غير سنڌي فنڪارن ۽ رانديگرن ۽ شاعرن اديبن  لاءِ سنڌ گورنمنٽ وٽ ڪروڙين روپيا ڏيڻ لاءِ موجود آهن پر ھڪ غريب سنڌي فنڪار لاءِ ڪجهھ به ناهي.  سائين سيد ذوالفقار شاھ صاحب  ھڪ سٺي ڪردار جو مالڪ آهي جنهن کي مان ذاتي طور سڃاڻان ٿو. خبر ناهي ڪھڙي سبب جي ڪري ھو سنڌ جي ٻيجل سنڌي جي علاج لاءِ ڪجهھ ناهي ڪري سگهيو شاھ صاحب  کي ھڪ عرض ڪرڻ ٿو چاھيان ته سرڪار اڄ آهي  سڀاڻي نه ھوندي توهان جي وزارت به ڪيترو وقت ھلندي اھا خبر ناهي پر شاھ صاحب  تاريخ جا فيصلا ڏاڍا بيرحم ٿيندا آهن اڄ توهان سنڌ جي انتھائي غريب قومي فنڪار ٻيجل سنڌي جي مالڪي نه ڪري ذيادتي ڪري رھيا آهيو شاھ صاحب جڏهن ڪنهن سنڌ جي لائبريري ۾ تاريخ جا  وقت اهو ضرور ٻڌائيندو ته قومي ڪلاڪار ٻيجل سنڌي کي  نظر انداز ڪيو  ويو ۽ سندس ڪا به اخلاقي مدد نه ڪئي وئي، نه ئي  وري سرڪاري طور علاج جون سھولتون ڏنيون ويون  کيس بيرحمي جو نشانو بڻائي ان کي موت جي حوالي ڪيو ويو. ان ڪري شاھ صاحب وقت اڃان  به ويو ناهي توهان ٽنڊو محمد خان وڃي سنڌ جي ھن يگاني عاشق  ٻيجل سنڌي جي عيادت ڪريو ۽ اخلاقي مدد ڪريو ۽ سھارو بڻجو  ڇو ته  ھاڻي ٻيجل جو گونجندڙ آواز  وقت جي بي رحمي ۽ حڪومتي بي حسي جي ڪري واپس نٿو اچي سگهجي ڇو ته  ٻيجل سنڌي بيماري جي  ھاڻي ان اسٽيج تي پھچي چڪو آهي جتان واپسي ناممڪن آهي.  ان غمگين سنڌ کي ھن وقت سھاري جي ضرور آهي

سنڌ جي اديبن دانشورن سماجي اڳواڻن سياسي تنظيمن جي اڳواڻن  ۽ ڪارڪنن کي گھرجي ته ھن وقت ٻيجل سنڌي جي گهر ڀاتين ۽ سندس ساٿين دوستن ۽ چاھيندڙن کي ھن غم واري حالت ۾ وڪڙيل ماڻهن کي ڪو مضبوط سھارو ڏين. ان سان گڏ ثقافت ۽ سياحت  جو صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاھ  تاريخ جي بي رحم فيصلي کان پاڻ کي  بچائڻ چاھيو ٿا ته جيترو ٿي سگهي جلد سنڌ جي ٻيجل سنڌي جي سار لھو ان جي اخلاقي مدد ڪريو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.