ڪرسٽيانو رونالڊو يوٽيوب تي عالمي رڪارڊ جوڙي ڇڏيو

جده (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو يوٽيوب تي سبسڪرائبرز جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
ڪرسٽيانو رونالڊو يوٽيوب تي پنهنجو چئنل لانچ ڪيو آهي، جنهن تي 90 منٽن ۾ کيس 10 لک ماڻهن سبسڪرائب ڪيو.
رونالڊو طرفان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي گذريل ڏينهن هڪ پوسٽ ڪئي وئي، جنهن ۾ هن پنهنجي يوٽيوب چئنل بابت مداحن کي ٻڌايو ۽ چيو ته منهنجي چئنل کي سبسڪرائب ڪيو ۽ ان نئين سفر ۾ مون سان شامل ٿيو.
ان کان اڳ اهو رڪارڊ ڏکڻ ڪورين گلوڪارا جيني ڪم وٽ هو، جنهن کي 7 ڪلاڪن ۾ 10 لک ماڻهن سبسڪرائب ڪيو هو.
ڪرسٽيانو رونالڊو جي چئنل کي هيل تائين هڪ ڪروڙ 13 لک کان وڌيڪ ماڻهو سبسڪرائب ڪري چڪا آهن ۽ ان جي هڪ وڊيو کي رڳو 13 ڪلاڪن ۾ 76 لک کان وڌيڪ واهپيدارن ڏٺو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.