ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ادڪارا عائزا خان جي دلڪش لڪس تي ڀارتي اداڪارا جي تعريفي ڪمينٽس ڌيان حاصل ڪري ورتو.
عائزا خان کي بهترين اداڪاري سان گڏوگڏ پنهنجي خوبصورتيءَ سبب به ڏاڍو پسند ڪيو ويندو آهي، هوءَ سوشل ميڊيا تي پنهنجون من موهيندڙ تصويرون مداحن لاءِ شيئر ڪندي رهندي آهي.
تازو اداڪارا انسٽاگرام تي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون، جن کي واهپيدار ڏاڍو پسند ڪري رهيا آهن.
نه رڳو مداح پر شوبز شخصيتون به عائرا خان جي تعريف ڪري رهيون آهن، جن ۾ ماهرا خان، صبا فيصل، منال خان ۽ ٻيا شامل آهن.
رڳو اهو ئي نه پر ڀارتي اداڪارا سنجيده شيخ به عائزا خان جي تصويرن کي پسند ڪيو ۽ ڪمينٽ ڪرڻ بنا نه رهي سگهي.
هن عائزا خان لاءِ ”خوبصورت“ لفظ لکيو ۽ گڏوگڏ باهه لڳل ايموجي به استعمال ڪيو.
سنجيده جي ان ڪمينٽ کي به واهپيدارن طرفان پسند ڪيو پيو وڃي، هوءَ اڳ ۾ به عائزا خان جي تعريف ڪري چڪي آهي.
You might also like