خبردار! چانور، اردڪ ۽ ٿوم فرج ۾ رکي استعمال نه ڪيو

ماڻهن جو وڏو انگ بي وقت کاڌو کائڻ جو عادي هوندو آهي، جنهن سبب فرج ۾ رکيل کاڌو کائڻ انهن جي مجبوري بڻجي ويندو آهي پر اها عادت خطرناڪ آهي، جنهن کان تمام گهٽ ماڻهو واقف آهن.
فريزر ۾ رکيل بچيل کاڌو ٻيهر گرم ڪري کائڻ سان فوڊ پوائزننگ جو خطرو هوندو آهي، جيڪو صحت لاءِ نقصانڪار آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ غذائي ماهر حنا انيس فريزر ۾ رکيل کاڌن جي نقصانن بابت ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته کاڌو ڪيئن کائڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪو به کاڌو 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ فرج ۾ نه رکڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اهو صحت کي نقصان پهچائيندو، بچيل کاڌو جيترو جلدي ٿي سگهي کائي ڇڏجي.
سندس چوڻ هو ته چانورن کي فرج ۾ رکڻ سان انهن ۾ بيڪٽيريا جي پيداوار تيزي سان وڌندي آهي، تنهن ڪري اهڙين غذائن کي ٻيهر گرم ڪري کائڻ سان پيٽ خراب ٿي سگهي ٿو، بهتر آهي ته بچيل چانور دٻي ۾ پيڪ ڪري فريز ڪيو، پوءِ توهان کائي سگهي ٿو.
حنا انيس چيو ته ادرڪ ۽ ٿوم پيسي رکڻ به تمام غلط آهي، اهڙيون شيون پيٽ جي مرضن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.