زيتون جو تيل شخصيت تي ڪيئن اثر ڪري ٿو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اکين جي سونهن انسان جي شخصيت کي دلڪش بڻائيندي آهي، اکيون ماڻهو جي معصوميت ۽ رعب تاب کي به واضح ڪنديون آهن.

اکين جي سونهن پرسنلٽي کي وڌيڪ خوبصورت پڻ بڻائي ٿي ۽ دنيا ۾ شايد ئي ڪو ماڻهو هجي، جيڪو پنهنجي اکين کي خوبصورت نه ڏسڻ چاهيندو هجي.

سهڻيون ۽ صاف اکيون نه رڳو ماڻهو جي ساراهه جو سبب بڻجن ٿيون پر اکين جي صفائي نظر جي گهٽجڻ جا امڪان به گهٽائي ڇڏي ٿي، جنهن سان ماڻهو دنيا جا خوبصورت نظارا پَسي ٿو.

گدلاڻ، تيز شعائن ۽ ميراڻ جي ڪري خوبصورتي وڃائي ويهندڙ اکيون نظر جي ڪمزوري جو به سبب بڻبيون آهن پر اکين جي حفاظت لاءِ قدرت جا انمول تحفا به موجود آهن، جن مان زيتون جو تيل به هڪ آهي.

زيتون جي تيل جي استعمال سان اکين جي ميراڻ ۽ ڦڪاڻ جو خاتمو آڻڻ سان گڏ اکين کي خوبصورت پڻ بڻائي سگهجي ٿو.

زيتون جو تيل شيشي ۾ وجهي رکو، رات جو سمهڻ وقت سُرمي جي سرائي سان اهو تيل ٻنهي اکين ۾ وجهي سمهي رهو، صبح جو اڦٿڻ سان اکين کي ٿڌي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو، ائين ڪرڻ سان توهان جي اکين ۾ چمڪ اچي ويندي، ان سان گڏوگڏ اکيون وڏيون (کليل) به بڻبيون.

زيتون جي تيل جي مسلسل استعمال سان اکين مان خشڪي به ختم ڪري سگهجي ٿي، نه رڳو ايترو پر زيتون اکين جي نظر کي تيز ڪرڻ لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.