فلم ”هاءِ وي“ جي ڪهاڻي عاليا جهڙي ڇوڪري لاءِ نه لکي هئي، امتياز علي جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار ۽ فلمساز امتياز علي انڪشاف ڪيو آهي ته 2014 ۾ رليز ٿيل فلم ” هاءِ وي “ لاءِ سندس پهرين پسند عاليا ڀٽ نه هئي.
هڪ انٽرويو دوران هدايتڪار چيو ته فلم ۾ ويرا نالي ڪردار لاءِ جيڪو تصور هو اِهو هڪ سياڻي ۽ سگهڙ عورت جو هو، عاليا جهڙي نوجوان ناريءَ لاءِ اِهو ڪردار نه لکيو ويو هو.
امتياز علي چيو ته عاليا سان ملاقات کانپوءِ هن ارادو تبدي ڪري ڇڏيو هو سندس احساسن ۽ جذبن مان ڏاڍو متاثر ٿيو جنهن کانپوءِ هن ان ڪردار ۾ نوجوان ناري کي سامهون آڻڻ جو فيصلو ڪيو.
هن ٻڌايو ته ان کان اڳ سندس ذهن ۾ وڏي عمر واري ايشوريا راءِ جهڙي عورت هئي جيڪا سندس خيال ۾ بنا ميڪ اَپ جي به ان ڪردار لاءِ مناسب چونڊ هئي.
ياد رهي ته هاءِ وي جي ليکڪ، هدايتڪار ۽ شريڪ پرڊيوسر امتياز علي ئي هيو، جڏهن ته رنديپ هودا ۽ عاليا ڀٽ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.