راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود بنگلاديش خلاف راولپنڊي ٽيسٽ کان خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي.
راولپنڊي ۾ ٽرافي جي مهورتي تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ڪپتان شان مسعود چيو ته فاسٽ بالرن اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو سبب راولپنڊي جي پِچ آهي ڇو ته اتي تيز بالرن کي وڌيڪ مدد ملندي جڏهن ته اسپنرن جو ڪردار اثرائتو ناهي.
مير حمزا جي جاءِ تي محمد علي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ واري سوال تي شان مسعود چيو ته نوجوان ڪرڪيٽر علائقائي ڪرڪيٽ ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو آهي جڏهن اوور ڪاسٽ ڪنڊيشنز ۾ هو ٽيم لاءِ وڪيٽون حاصل ڪري سگهي ٿو .
هن چيو ته بالنگ لائين اَپ ۾ شاهين آفريدي، نسيم شاهه به ٽيم کي جلد وڪيٽون ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، ٻنهي ڪرڪيٽرز ۾ سوئنگ ۽ سيم صلاحيتون آهن، جيڪا ٽيم لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهرين ميچ 21 آگسٽ تي شروع ٿيندي جڏهن ٻي ٽيسٽ ساڳي ئي ميدان تي 30 آگسٽ کان 3 سپٽيمبر تائين کيڏي ويندي.
Next Post
You might also like