دِل ٽٽي هئي انڪري الله سان جُڙڻ جو فيصلو ڪيو: نور بخاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي اداڪارا نور بخاري زندگي ۾ آيل تبديلي ۽ روحاني سفر بابت چيو آهي ته هڪ شئي سندس دل ٽوڙي ڇڏيو هو ۽ هن الله سان جڙڻ جو فيصلو ڪيو.
ويجهڙ ۾ اداڪارا هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي روحاني سفر ۽ مذهب سان جڙڻ جي حوالي سان تفصيلي گفتگو ڪئي.
نور بخاري چيو ته الله سڀ ڪجهه ڏنو پر هوءَ ڪجهه غلط ڪري رهي هئي، الله جي حڪم عملدرآمد نه پئي ڪيو، هوءَ انتهائي درد واري ڪيفيت مان گذري رهي هئي.
هن چيو ته زندگيءَ ۾ هڪ تبديلي آئي، هڪ شئي سبب سندس دل ٽٽي ۽ پوءِ هن الله سان جڙڻ جو فيصلو ڪيو، اوهان کي الله جي ويجهو ٿيڻ لاءِ رڳو هڪ سبب گهربل هوندو آهي.
اداڪارا چيو ته ان وقت هن سوچيو ته پنهنجي گهروارن، دوستن ۽ شوبز سميت سڀني کي خوش ڪري ڇڏيو آهي، سڀني جي خدمت ڪئي ۽ پوءِ الله کي راضي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.