عام طور تي پلون هڪ کان ٻئي شهر يا ملڪ کي ملائڻ لاءِ تعمير ڪيون وينديون آهن پر ڇا توهان کي خبر آهي ته هڪ پل اهڙي آهي، جيڪا ٽن ملڪن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي.
جي ها ٿري ڪنٽريز نالي برج 3 يورپي ملڪن کي پاڻ ۾ جوڙي ٿي، جنهن سان سياح هڪ ڏينهن ۾ 3 ملڪن جي سير ڪري سگهن ٿا.
اها دنيا جي سڀ کان ڊگهي سنگل سسپنشن برج آهي، جيڪا رائن درياهه مٿان تعمير ڪئي وئي آهي.
90 لک يورو جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ اها برج سوئٽزرلينڊ، جرمني ۽ فرانس کي پاڻ ۾ ملائي ٿي.
درياهه مٿان برج جي حصي ۾ ڪو مرڪزي ٿنڀ ناهي، تنهن ڪري ان کي جديد انجنيئرنگ جو شاهڪار سمجهيو ويندو آهي.
اها پل پنڌ هلندڙ ۽ سائيڪل تي سفر ڪندڙ ئي استعمال ڪري سگهن ٿا.
اها برج 248 ميٽرن تائين پکڙيل آهي، جنهن جي تعمير 2007 ۾ مڪمل ٿي هئي.
ان برج تان درياهه جو نظام ڏاڍو خوبصورت آهي ۽ سياح ان کي ڏسي دنگ رهجي ويندا آهن.
You might also like