آسيب سٽيل ڳوٺ، ڪيترائي جِنَ ماڻهن کي ڊيڄاريندا آهن!

ڪينٽ ۾ موجود پلڪلي هڪ روايتي ڳوٺ جهڙو آهي پر ان کي برطانيا جو سڀ کان آسيب سٽيل خطرو به مڃيو ويندو آهي.
لنڊن مان گاڏي تي 90 منٽ سفر ڪري توهان اتي پهچي سگهو ٿا ۽ ان کي 1989 ۾ گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊز برطانيا جو سڀ کان وڌيڪ آسيب سٽيل ڳوٺ قرار ڏنو هو.
ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اتي 12 يا ان کان وڌيڪ جن ماڻهن کي ڊيڄاريندا آهن.
گنيز ورلڊ ريڪارڊ ۾ اهو ٽائيٽل استعمال نه ڪيو وڃي ها ته ان کي باضابطا طور برطانيا جو سڀ کان آسيب سٽيل ڳوٺ قرار نه ڏنو وڃي ها.
اتي جن نظر اچڻ جا واقعا هاڻ به رپورٽ ٿيندا آهن، انهن ۾ سڀ کان مشهور جن ريڊ ليڊي جو آهي، جيڪا ڊيرنگ خاندان جي هڪ رڪن هئي.
چيو ويندو آهي ته اهو جن پنهنجي ٻار جي قبر ڳولڻ لاءِ قبرستان ۾ گهمندي نظر ايندو آهي.
ان ئي خاندان سان واسطو رکندڙ هڪ ٻي عورت جو جن به ان ئي قبرستان ۾ ماڻهن کي ڊيڄاريندو آهي، جنهن کي وائيٽ ليڊي چيو ويندو آهي.
ان عورت بابت ماڻهن کي ڪا خبر ناهي ۽ اڇي لباس سبب ان کي وائيٽ ليڊي چيو ويندو آهي.
ائين ئي ٻين جنن جي حوالي سان به ماڻهو ڪهاڻيون ٻڌائيندا آهن، جيئن هڪ هاءِ وي تي نظر ايندڙ جن، هڪ ٻڏي ويندڙ خانه بدوش عورت ۽ ٻيا.

uk london awamiawaz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.