اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ڪارروائي روڪڻ جي متفرق درخواست داخل ڪري ڇڏي.
عمران خان طرفان 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ڪارروائي روڪڻ لاءِ متفرق درخواست بئريسٽر سلمان صفدر ۽ خالد يوسف چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي، جنهن ۾ نيب، ڊي جي نيب ۽ پراسيڪيوٽر جنرل کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ پي ٽي آءِ باني نيب جي 343 هين ايگزيڪٽيو بورڊ ميٽنگ جي رڪارڊ جي فراهمي جي استدعا ڪندي چيو ته اپريل 2020 جي نيب ايگزيڪٽيو ميٽنگ ۾ ڪيس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.
عمران خان ٽرائل ڪورٽ جي 12 آگسٽ وارو آرڊر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ۽ چيو ته جاچ آفيسر بيان ڏنو ته نيب جي 343 هين بورڊ ميٽنگ دوران ڪيس بند ڪرڻ جي منطوري ڏني وئي، ٽرائل ڪورٽ ايگزيڪٽيو بورڊ اجلاس جو رڪارڊ طلب ڪرڻ جي درخواست رد ڪئي هئي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته نيب جي ايگزيڪٽيو بورڊ ميٽنگ جو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ باني جي دفاع ۾ وڏو نقصان ٿيندو، جاچ آفيسر آڏي پڇا دوران نيب جي 343 هين ايگزيڪٽيو بورڊ ميٽنگ بابت ڪجهه ڳالهين جو اعتراف ڪيو، ضروري آهي ته نيب جي ميٽنگ جو رڪارڊ ٽرائل ڪورٽ جي آڏو رکيو وڃي.
You might also like