اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ خبردار ڪندي چيو آهي ته پرڏيهي حڪومتن کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي.
پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ٻين ملڪن کي پاڪستان جي اندروني معاملن تي بيان ڏيڻ جي ضرورت ناهي ۽ غيرملڪي حڪومتن کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
ترجمان چيو ته اسان منڪي پاڪس تي صحت جي عالمي اداري جي ايڊوائزري ڏٺي آهي، صحت کاتي جون اختياريون ئي ايڊوائزري بابت باظابطا ردعمل ڏئي سگهن ٿيون.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي فعال سفارتي مشنز موجود آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ تيز رابطا موجود آهن، افغانستان سان اِهو معاملو اُٿاريو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي بند ٿئي، افغان اختيارين کي دهشتگرد گروپن خلاف اثرائيتي ڪارروائي ڪرڻي پوندي.
ترجمان موجب، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ اختيارين لاءِ ويزا گائيڊ لائنز ۾ ڦيرڦار ڪئي آهي، اِهو قدم ويزا پاليسي جي غلط استعمال جي روڪٿام لاءِ ڪيو ويو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ڀارت ۾ تابڪاري مواد جي غيرقانوني چوري ۾ ملوث گينگ جي گرفتاري تي ردعمل جاري ڪيو آهي.
ٻين ملڪن کي پاڪستان جي اندروني معاملن تي بيان ڏيڻ جي ضرورت ناهي: پرڏيهي ترجمان
You might also like