ڇا توهان اداس آهيو يا خوش ناهيو ۽ ڪم نٿا ڪرڻ چاهيو ته اهڙي صورت ۾ موڪل ڪري سگهو ٿا.
جي ها چين جي هڪ سپر مارڪيٽ چين پانگ ڊونگ لائي هڪ نئين پاليسي متعارف ڪرائي آهي.
ان پاليسي تحت ملازم هڪ سال ۾ 10 ڏينهن ان هيپي ليوز وٺي سگهن ٿا.
ڪمپني جي باني ۽ چيئرمين يو ڊونگ لائي ان منفرد پاليسي جو اعلان ڪندي چيو ته جيڪڏهن ملازم اداس هجن يا خوش نه هجن ته اهي سڄي سال ۾ 10 ڏينهن واڌو موڪلون ڪري سگهن ٿا.
هن ٻڌايو ته هر ڪنهن سان ائين ٿيندو آهي ته اهو ڪڏهن ڪڏهن خوش ناهي هوندو، جيڪڏهن توهان خوش ناهيو ته ڪم تي نه اچو.
ڪمپني جي نئين پاليسي تحت ملازمن کي روز 7 ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ کين هفتيوار موڪل به ملندي، جڏهن ته نئين سال جي شروعات تي 5 ڏينهن جون موڪلون الڳ هونديون.
ڪمپني جي باني چيو اسان چاهيون ٿا ته ملازم صحتمند ۽ پرسڪون زندگي گهارين ۽ گهڻي وقت تائين ڪم ڪرڻ غير اخلاقي آهي.
ان نئين پاليسي جو مقصد ملازمن جي ڪم ۽ زندگي وچ ۾ توازن کي يقيني بڻائڻ آهي ته جيئن اهي اڪيلائي ۽ ڊپريشن جهڙن مسئلن کان بچي سگهن.
You might also like