اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جو وقت ڏسجي ته هڪ فيض حميد نه کوڙ نظر ايندا، ايڏو وڏو ايڪشن هڪ هائوسنگ سوسائٽي جي ڪري نٿو ٿي سگهي.
پنهنجي بيان ۾ جاويد لطيف چيو ته 9 مئي جو فيض حميد سان واسطو آهي، سڀ چئي رهيا آهن فيض حميد پاڻ پي ٽي آءِ جو سرپرست بڻجي انهن کي سهولتون ڏئي رهيو هو، جاچ ٿيندي ته فيض حميد ۽ سهولتڪارن جا نالا سامهون ايندا.
هن چيو ته گذريل ٻن هفتن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، بنگلاديش جهڙو ماحول ٺاهي پاڪستان ۾ بغاوت جي جيڪا مصوبابندي ٿي رهي هئي، ان جي جاچ ٿيندي ته فيض حميد ان ۾ به نظر ايندو.
You might also like