ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي چيو آهي ته ڪرپشن هڪ ناسور آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ ڪنهن به انتهائي قدم کان نه ڪيٻايو وڃي.
بلاول ڀٽو زرداري سان بلاول هائوس ڪراچي ۾ صوبائي صدر نثار کهڙي ۽ صوبائي وزير محمد بخش خان مهر سميت ٻين عهديدارن ۽ وزيرن ملاقات ڪئي.
پڌرائيءَ موجب بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران نثار کهڙي کيس سنڌ جي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ ملڻ کانپوءِ مختلف ادارن جي ڪارڪردگي بابت به آگاهه ڪيو.
پ پ چيئرمين سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار کهڙي کي هدايت ڪئي ته هو ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجون بهترين ڪوششون ڪري.
بلاول سان صوبائي وزير محمد بخش خان مهر به ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن کان آگاهه ڪيو.
پ پ چيئرمين چيو ته ڪرپشن هڪ ناسور آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ ڪنهن به انتهائي قدم کان نه ڪيٻايو وڃي.
You might also like