ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا نمرا خان هڪ ڏينهن ٿيل پنهنجي اغوا جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
نمرا خان ان ڳالهه جو انڪشاف پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي جاري ڪيل وڊيو ۾ ڪيو جنهن ۾ هن پنهنجي اغوا جي ڪوشش جي دل ڌوڏيندڙ واقعي جا تفصيل بيان ڪيا آهن.
اداڪارا موجب، اِهو واقعو گذريل ڏينهن ڊفينس جي هڪ هوٽل ٻاهران پيش آيو، هوءَ اتي پنهنجي گاڏي جو انتظار ڪري رهي هئي، سندس فيملي کيس پِڪ ڪرڻ اچي رهي هئي ان دوران گاڏي ٽريفڪ ۾ ڦاسي پئي جنهن کانپوءِ برسات شروع ٿي وئي ۽ هوءَ هوٽل جي ٻاهران انتظار ڪندي رهي.
نمرا ٻڌايو ته ٽن هٿياربندن سندس ويجهو اچي گاڏي روڪي ۽ هٿيارن جي زور تي کيس زبردستي گهيلي گاڏي ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي .
هن چيو ته هڪ هٿياربند سندس پيٽ تي بندوق رکي جنهن کانپوءِ هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ مزاحمت به ڪئي، ان موقعي تي هوٽل جي گارڊ پڻ موجود هئا پر انهن مان ڪنهن سندس مدد نه ڪئي.
اداڪارا چيو ته مون هڪ گاڏي کي روڪيو ۽ ان ۾ موجود فيملي ۽ هوٽل جي اسٽاف سندس مدد ڪئي.
هن چيو ته منهنجو سمورن پاڪستانين کان سوال آهي ته جڏهن پاڪستان ۾ عورتون محفوظ ناهن ته اسان کي آزاديءَ جو ڏهاڙو ڪيئن ملهائڻ گهرجي؟ منهنجو سوال آهي ته اوهان جي ڀيڻ، ڀاڄائي، زال، ڌيءَ ۽ ماءُ پاڪستان ۾ محفوظ آهن؟
Next Post
You might also like