ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ هزار رپين تائين واڌ ٿي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب هڪ هزار رپين جي اضافي سان سون جو في تولو 2 لک 56 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي.
سون جي 10 گرام جو اگهه 857 رپين جي واڌ سان 2 لک 19 هزار 907 رپيا ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت 37 ڊالرن جي واڌ سان 2 هزار 430 ڊالر آهي.