اسان جي حڪومت هجي ها ته 300 يونٽ تائين بجلي مفت هجي ها: ناصر شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وفاق ۾ اسان جي حڪومت ناهي، جيڪڏهن اسان جي حڪومت هجي ها ته 300 يونٽ تائين بجلي مفت هجي ها.

پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته منهنجو کاتو پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ جو آهي،اڄڪلهه بجلي جو مسئلو سڀ کان وڏو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ اسان جي حڪومت هڪ سئو يونٽ مفت بجلي ڏيڻ جي منصوبابندي ڪري رهي آهي، ٻئي مرحلي ۾ ٽي سئو يونٽن تائين ڪنداسين پر اسان سولر پينلز تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.