اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جا فيصلا آئين ۽ قانون موجب آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي پئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جا 41 اسيمبلي ميمبر اليڪشن ايڪٽ واري قانون کي چئلينج ڪندا، محمود خان اچڪزئي جي پارٽي ۽ ٻيون پارٽيون به قانون سازي کي چئلينج ڪنديون، جسٽس منصور علي شاهه جي چيف جسٽس بڻجڻ جو نوٽيفڪيشن فوري طور تي جاري ڪيو وڃي.
اسد قيصر چيو ته محمود اچڪزئي ڪوئٽا ۽ باقي قيادت ٻين شهرن ۾ سيمينار منعقد ڪندي، جڏهن فل ڪورٽ فيصلو ڏئي ڇڏي آهي ته هاڻ فيصلا ڪهڙي حيثيت ۾ تبديل ڪيا ويندا؟ اسان عدليه سان گڏ بيٺا آهيون ۽ سنجيده سوچ رکندڙن کي حقيقي آزادي جي واقعن جي دعوت ڏينداسين.