مخالف ڌر پاران اليڪشن ايڪٽ سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گرينڊ اپوزيشن الائنس اليڪشن ايڪٽ کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ ۽ 14 آگسٽ تي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ جمهوريت بابت سيمينار منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

گرينڊ اپوزيشن الائنس جو اجلاس تحريڪ تحفظ پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان، مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان، شبلي فراز، اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم 2 ۾ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي غور ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.