ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار سهيل سمير پنهنجي زندگي ۾ ٿيندڙ معجزن حوالي سان انڪشاف ڪيا آهن.
هڪ نجي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي اداڪار سهيل سمير جو چوڻ آهي ته منهنجي ڌيءُ 6 مهينن جي پيدا ٿي هئي، جنهن بعد هو بيمار ٿي وئي، مان جڏهن ڌيءُ کي اسپتال وٺي ويس ته انهيءَ دوران مون کي منهنجي گهرواريءَ ٻڌايو ته ڌيءُ ساهه نه پئي کڻي، جنهن بعد مون هن کي هلايو پرهوءَ بيجان هئي.
هن چيو ته ڌيءُ کي کڻي اسپتال پهچڻ تائين هوءَ الله سائين سان ڳالهائيندو رهيو ۽ دعا ڪئي ته ڌيءُ کي الله سائين زندگي سان نوازي ته ڌي کي حافظه قرآن بڻائيندس.
سهيل سمير جو چوڻ هو ته جيئن هو اسپتال ۾ داخل ٿيو ته سندس گهرواريءَ ٻڌايو ته ڌيءُ ساهه کڻي رهي آهي ۽ جنهن بعد انهن بنا ڊاڪٽر جي چڪاس جي ڌيءُ کي واپس گهر کڻي آيو.
سندس چوڻ هو ته هن جي گهرواري روڪيو ته ڊاڪٽر وٽ هلڻ گهرجي پر سهيل سمير چيو ته الله سائين ڌيءُ کي زندگي ڏئي ڇڏي آهي.
هن چيو ته اڄ هن جي ڌيءُ بلڪل ٺيڪ آهي ۽ قرآن پاڪ جي حافظه آهي.
You might also like