اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته جيڪي چوندا هئا اسان ٻه قومي نظريي کي بنگالي نار ۾ ٻوڙي ڇڏيو اُهي اڄ ڪٿي آهن؟
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪو شريعت ۽ آئين کي نٿو مڃي اسان انهن کي پاڪستاني نٿا مڃيون.
سندس چوڻ هو ته الله جي ويجهو سڀني کان وڏو ڏوهه فساد في الارض آهي. اڪ فوج الله جي حڪم موجب فساد في الارض جي اخاتمي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي،جيڪي شريعت ۽ آئين کي نٿا مڃن، اسان انهي کي پاڪستاني نٿا مڃون.
آرمي چيف چيو ته پاڪستان 40 سالن کان وڌيڪ وقت تائين لکين افغانين جي مهمان نوازي ڪئي آهي، اسان انهن کي سمجهائي رهيا آهيون ته فتني جي خاطر پنهنجي پاڙيسري ڀائراڻي اسلامي ملڪ ۽ پراڻي دوست سان مخالفت نه ڪريو، دهشتگردي جي جنگ ۾ اسان جي پختون ڀائرن ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان انهن جي ڪاوشن جي تعريف ڪندي انهن سان گڏ بيٺل آهيون.
آرمي چيف وڌيڪ چيو ته اسان ماڻهن کي چوندا آهيون ته جيڪڏهن احتجاج ڪرڻو آهي ته ضرور ڪريو پر پرامن رهو، شدت پسندي تي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته دين ۾ جبر نه آهي، ڏوهه ۽ اسمگلرز مافيا دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن. سوشل ميڊيا جي ذريعي انتشار پکيڙيو پيو وڃي، ناموس رسالت تي ڳالهيون ڪندي آرمي چيف چيو ته ڪنهن کي همت نه آهي جو رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪري سگهي.
جنرل سيد عاصم منير جو چوڻ آهي ته ڪنهن به پاڪستان ۾ وڳوڙن جي ڪوشش ڪئي ته رب ڪريم جي قسم، اسان انهي جي اڳيان بيٺل هونداسين، دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي نقصان نٿي پهچائي سگهي ڇو ته هي ملڪ قائم رهڻ جي لاءِ ٺهيو آهي، هن پاڪستان تي لکين عاصم منير، لکين سياستدان ۽ لکين عالم قربان، ڇو ته پاڪستان اسان سڀني کان وڌيڪ اهم آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن رياست جي اهميت ڄاڻڻي آهي ته عراق، شام ۽ لبيا کان پڇو، عالمن کي عرض آهي ته هو شدت پسنديءَ بدران صبر ۽ اتحاد جي ترغيب ڏين.
هن چيو ته عالمن کي گهرجي ته هو اعتدال پسندي کي معاشري ۾ واپس آڻين ۽ فساد في الارض جا انڪاري ٿين، مغربي تهذيب ۽ رهڻي ڪهڻي اسان جي آئيڊيل نه آهي، اسان کي پنهنجي تهذيب تي فخرڪرڻ گهرجي.