ويانا (ويب ڊيسڪ) آسٽريا جي راڄڌاني ويانا ۾ دهشتگردي جي خطري سبب آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ جا 3 ڪنسرٽس رد ڪيا ويا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سيڪيورٽي اهلڪارن پاران رٿيل حملي جي تصديق کانپوءِ ڪنسرٽ رد ڪيا ويا.
ميڊيا رپورٽس موجب، آسٽريا جي پوليس پڻ 2 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي جن مٿان حملن جي منصوبابندي ڪرڻ جو شڪ آهي.
ڪنسرٽس جي اختيارين موجب اسٽيڊيم ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي جنهن سبب اسان وٽ ڪنسٽرس رد ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو چارو نه هو.
رپورٽن موجب، ٽيلر سوئفٽ کي 8، 9 ۽ 10 آگسٽ تي ويانا جي ارنسٽ هيپل اسٽيڊيم ۾ فن جو مظاهرو ڪرڻو هو، جنهن ۾ هر روز 65 هزار ماڻهن جي شرڪت جو امڪان هو.
You might also like