6 مهينن کان مسجد مان چپل چوري ڪندڙ شخص کي شهرين ڪيئن پڪڙيو؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسجد مان چپل چوري ٿيڻ ته عام ڳالهه آهي ۽ اڪثر اهي چور پڪڙ ۾ به نه ايندا آهن پر اسلام آباد ۾ شهرين 6 مهينن کان مسجد مان چپل چوري ڪندڙ شخص کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

اردو ميڊيا جي رپورٽ موجب اسلام آباد جي بليو ايريا مسجد مان چپل چوري جي وارداتن ۾ واڌ کانپوءِ 2 نوجوانن چور کي گهيري ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو.

رپورٽ موجب 3 آگسٽ تي مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ نوجوان ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي نظر رکڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هڪ نوجوان مسجد ۾ داخل ٿيو ۽ کيسي ۾ پيل شاپر ڪڍي نمازين جا جوتا کڻڻ شروع ڪيائين ته گهيراءُ ڪيل نوجوانن چور کي پڪڙي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

نوجوان جو چوڻ هو ته گذريل 6 مهينن دوران جمعي جي نماز سميت اجتماعن دوران نمازين جا بوٽ چوري ٿيڻ وارن واقعن ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي.

پوليس موجب جوابدار اسلام آباد جي بليو ايريا مسجد سميت ٻين سيڪٽرن جي مسجدن مان به جوتا چوري ڪيا آهن.

ٻئي طرف پوليس کي ڏنل بيان ۾ جوابدار چيو ته هو مسجد مان سٺا ۽ قيمتي بوٽ چوري ڪري وڪرو ڪندو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.