ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر مهانگو ٿي ويو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 13 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.
انٽر بئنڪ ۾ اڄ هڪ آمريڪي ڊالر جي قيمت 278 رپيا 63 پئسا آهي. ان کان اڳ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا تي بند ٿيو هو.
ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت هڪ پيسا اضافي سان 280 رپيا 40 پئسا ٿي وئي آهي.