اڳوڻي نگران وزير پاران بجلي بلن ۾ گهٽائي لاءِ تجويزون پيش

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي نگران واپار واري وزير گوهر اعجاز بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪري ڇڏيون آهن.

گوهر اعجاز پنهنجي تجويز ۾ چيو ته بجلي جي بلن تي لڳل سمورا ٽيڪس ختم ڪيا وڃن، آءِ پي پيز کي 2000 ارب رپين جون ادائگيون روڪيون وڃن ۽ رڳو بجلي پيدا ڪرڻ تي آءِ پي پيز کي ادائيگيون ڪيون وڃن.

 اڳوڻي وزير چيو ته ماهوار 200 يونٽ وارن بجلي واهپيدارن جو اگهه 10 رپيا في يونٽ کان گهٽ مقرر ڪيو وڃي ۽ ٻين سڀني واهپيدارن لاءِ بجلي جو اگهه 30 رپيا في يونٽ کان گهٽ هجڻ گهرجي.

 هن چيو ته پاڪستان ۾ گذريل هڪ سال کان مهانگائي 12 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي باوجود وياج جي شرح 19.5 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي جنهن کي 12 سيڪڙو جي سطح تي آندو وڃي،

وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان حڪومت جو قرض 3 هزار ارب رپيا گهٽ ٿيندو. گوهر اعجاز تجويزون ڏنيون ته پگهاردار طبقي لاءِ انڪم ٽيڪس 15 سيڪڙو مقرر ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.