ڪشميرين جي حمايت جاري رکنداسين: عطاءُ تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جو ڪو جواز ناهي.

اسلام آباد ۾ وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو ته حڪومت مظلوم ڪشميرين جي حمايت جاري رکندي، وزيراعظم جو ڪشميرين جي خودمختياري واري حمايت تي ويزن واضح آهي.

 5 آگسٽ 2019 جا ڀارت جي ڪشمير بابت اپاءَ غيرقانوني آهن. اسان هر سطح تي پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين.

ان موقعي تي امير مقام چيو ته والاريل ڪشمير ۾ اسان جون ڀينرون ۽ ڀائر اڪيلا نه آهن، سڀ پاڪستاني ساڻن گڏ آهن، هن ئي سال وزيراعظم جي هدايت تي اسان ان تي ڪو آرڊينيشن ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.