اڳوڻي ريسلر ۽ هالي ووڊ اداڪار جان سينا جو چوڻ آهي ته اننت امباني ۽ راڌيڪا مرچنٽ جي شادي جي تقريب دوران شاهه رخ خان سان ٿيندڙ ملاقات سندس زندگي بدلائي ڇڏي آهي.
گذريل مهيني مشهور ڀارتي بزنس مين مڪيش امباني جي ننڍي پٽ اننت امباني ۽ راڌيڪا مرچنٽ جي شادي جي تقريب ممبئي ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اڳوڻي ريسلر جان سينا سميت سڄي دنيا جي مشهور ۽ بااثر ماڻهن شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ جان سينا به شريڪ ٿيو هو.
جان سينا جي شاهه رخ خان سان شادي جي تقريب ۾ ئي ملاقات ٿي هئي، جنهن جي تصوير اداڪار پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي به شيئر ڪئي.
تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ شاهه رخ خان سان ملاقات بابت ڳالهائيندي جان سينا چيو ته جڏهن توهان کي ڪنهن اهڙي شخص سان ملاقات جو موقعو ملي جنهن جو اوهان جي زندگي تي گهرو اثر هجي ته لمحو انتهائي جذباني هوندو آهي
اداڪار جو چوڻ هو ته شاهه رخ خان تمام عجيب، رحمدل ۽ نرم مزاج انسان آهي، ساڻس ملاقات ڪري مان تمام گهڻو حيران ۽ لاجواب ٿي ويس.
هن چيو ته شاهه رخ خان سان ملاقات دوران ڪيل ڳالهه ٻولهه منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي، سندس ڳالهين مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي ۽ ان تبديليءَ کان پوءِ مان زندگيءَ ۾ جيڪي به جيڪ پاٽ حاصل ڪيا آهن، تن کي سڃاڻي سگهيو آهيان ۽ مان ان تبديليءَ لاءِ شڪر گذار آهيان.
جان سينا جو چوڻ هو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت محنت ڪندو ته جيڪو هن شاهه رخ خان کان سکيو آهي ضايع نه ٿئي.