ڪراچي (رپورٽر) گورنر ڪامران خان ٽيسوري اُميد جي گهنٽي وڄائي پڪوڙن جو مطالبو ڪندڙ جماعت اسلامي ڪارڪن جي خواهش پوري ڪري ڇڏي.
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گورنر هائوس جي ٻاهران ئي تازه پڪوڙا ٺهرائي ڌرڻو هڻندڙ مظاهرين ۾ ورهايا جنهن تي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن سنڌ جي گورنر جو ٿورو ادا ڪيو.
ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته ڌرڻو هڻندڙ مظاهرين مهمان آهن انهن جي خدمت جاري رهندي. هن چيو ته مظاهرين ڪشمير تي ڀارت جي ظلمن خلاف آواز بلند ڪندا ۽ آگسٽ جي مهيني کي ملڪ ۾ يڪجهتي جي طور تي ملهائيندا.
ياد رهي ته ان کان اڳ مهانگائي ۽ بجلي جي ڳرن بلن خلاف ڪراچي ۾ گورنر هائوس جي ٻاهران جماعت اسلامي جي ڌرڻي دوران دلچسپ صورتحال ڏسڻ لاءِ ملي جڏهن جماعت اسلامي جي ڪارڪنن گورنر هائوس ۾ لڳل فرياد جي گهنٽي وڄائي شڪايت ڪئي ته سنڌ جي گورنر برسات دوران پڪوڙا کارائڻ جو واعدو ڪيو هو پر اڃان تائين پڪوڙا نه مليا آهن.