لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت هڪ کان 5 ويسن تائين جي پلاٽن تي گهر ٺاهڻ وارن 70 هزار ماڻهن کي بناوياج ڪي قرض فراهم ڪندي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ سبسڊي پڻ فراهم ڪندي.
پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ “پنهنجي ڇت ۽ پنهنجو گهر” واري منصوبي جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته “پنهنجي ڇت ۽ پنهنجو گهر” واري منصوبي جا فار، ڊي سي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي آفيسن مان حاصل ڪري سگهجن ٿا.
وڏو وزير مريم نواز 14 آگسٽ تي ان منصوبي جو افتتاح ڪندي. هن هدايت ڪئي ته انهن ماڊل گهرن جي نقشي ۾ رهائشي ڪمرا به شامل ڪيا وڃن، هڪ کان 5 ويسن جي پلاٽ جي 70 هزار ماڻهن کي گهرن جي تعمير لاءِ بنا وياج قرض ملندو.