لاهور (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ٽرانسفارميشن جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم تي عملدرآمد ۾ غفلت جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن .
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٽريڪ اينڊ ٽريس بابت جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي.
اجلاس دوران وزيراعظم ناڻي واري وزير کي ايف بي آر جي ٽرانسفارميشن منصوبي جي نگراني جي ذميواري ڏني ۽ معاشي ٽيم کي ايف بي آر جي ٽرانسفارميشن جي رفتار کي تيز ڪرڻ جو هدف ڏنو ۽ چيو ته جديد تقاضائن مطابق مڪمل ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ري اسٽرڪچرنگ ايف بي آر جي ٽرانسفارميشن پلان جو حصو آهي.
ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم سان لاڳاپيل خرابين ۽ بي ضابطگين جي ذميوارن خلاف فوري ڪارروائي جي هدايت ڪئي ۽ هن چيو ته ايف بي آر جا سڌارا پاڪستان جي ٽيڪس نظام جي بهتري لاءِ تمام ضروري آهن، غريب عوام جي هڪ هڪ رپيو بچائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين.
شهباز شريف چيو ته ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن ۾ ڪا به دير قبول ناهي، اجلاس کي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم بابت رپورٽ ۽ ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڏني وئي.
اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.