ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ گورنر هائوس ٻاهران مهانگائي ۽ بجلي جي وڌندڙ بلن خلاف جماعت اسلامي پاران لڳايل ڌرڻي ۾ دلچسپ صورتحال ڏسڻ ۾ آئي.
جماعت اسلامي جي ڪارڪنن گورنرهائوس ۾ لڳل گھنٽي وڄائي شڪايت ڪئي ته گورنر برسات ۾ پکڙا کارائڻ جو واعدو ڪيو هو پر اڃا تائين پکڙا نه پهتا آهن.
ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي پڪوڙا ته نه مليا پراڄ صبح گورنرپاران احتجاج ڪندڙن کي چائي پراٽيءَ جو ناشتو ڪرايو ويو.
ٻئي طرف مظاهرين جي مطالبي تي کين پيش ڪيل پرڏيهي برانڊ واري منرل واٽر جون بوتلون واپس وٺي پاڪستاني برانڊ جو منرل واٽر ڏنو ويو.
ان کان اڳ گذريل رات سنڌ جي گورنر پاران احتجاج ڪندڙن جي ناءُ جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته گورنر هائوس جا دروازا عوام لاءِ کوليا ويا آهن.
سنڌ جي گورنر بجلي جي بلن کان تنگ آيل مظاهرين کي آءِ ٽي ۾ رات گذارڻ جي آڇ پڻ ڪئي ۽ چيو ته اتي اي سي لڳل آهن، توهان کي گرميءَ به نه ٿيندي.