اهڙا شربت جيڪي ڦڦڙن کي صحتمند رکن ٿا

قدرتي جڙي ٻوٽين مان تيار ڪيل هر شيءِ پنهنجو جادوئي اثر ڏيکاريندي آهي.

اڄ اسان توهان کي ڪجهه جڙي ٻوٽين جي باري ۾ ٻڌايون ٿا جيڪي توهان جي ڦڦڙن کي صحتمند بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا.

تلسي جي چانهه

تلسي جو ٻوٽو نرسري ۾ آساني سان ملي وڃي ٿو، تلسي جي چانهه ڦڦڙن کي صحت مند رکي ٿو ڇو ته ان ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ اينٽي مائڪروبيل خاصيتون آهن جيڪي ڦڦڙن کي صاف ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.

ادرڪ ماکي واري چانهه

جيڪڏهن توهان کي ڪنگ زڪام ۽ توهان جو سينو بند آهي ته پوءِ توهان ادرڪ ماکي واري چانهه پيو، اها چانهه توهان جي تڪليف ۾ گهٽتائي آڻيندي.

گِدامڙي جو رس

گِدامڙي ۾ ڪيتريون ئي خاصيتون آهن، اهو وارن کي ٿلهو ڪرڻ سان گڏ چمڙي کي بهتر بڻائڻ لاءِ به فائديمند آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته گدامڙي جو رس ڦڦڙن لاءِ به سٺو آهي.

گِدامڙي وٽامن سي ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ سان مالا مال آهي جيڪو مدافعتي نظام کي به مضبوط ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ ساهه جي نالين مان زهريلي مادو صاف ڪرڻ ۾ به مدد مهيا ڪندو آهي.

نوٽ: جيڪڏهن توهان کي ڦڦڙن جي تمام گهڻي شڪايت آهي ته پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪريو ۽ دوا استعمال ڪريو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.